المدة الزمنية 1:32

رپورٹ علی شیر لغاری جوہی باكسرين

بواسطة D News Time
22 مشاهدة
0
0
تم نشره في 2021/07/12

رپورٽ علي شير لغاري جوھي جوھي تعلقي جي ڳوٺ بچل لغاري جو رھواسي غريب پورھيت موٽر سائيڪل حادثي ۾ ٻنھي ڄنگھن کان معذور بڻجي فاقه ڪشي واري زندگي گذارڻ لڳو ,,, تفصيل موجب ,, جوھي تعلقي جي ڳوٺن بچل لغاري جو رھواسي اٺ گاڏو ھلائيندڙ غريب پورھيت الھڏتو اڌماڻي لغاري موٽر سائيڪل حادثي سبب ٻنھي ڄنگھين کان معذور بڻجي فاقه ڪشي واري زندگي گذارڻ لڳو, سندس معصوم ٻچا لنگھڻ ڪاٽڻ تي مجبور آھن , انھي موقعي تي غريب پورھيت الھڏتو لغاري صحافين سان ڳالھائيندي اکين مان نير وھائيندي چيو ته چار مھينا ٿي ويا آھن ,ھڪ کٽ تي پيو آھيان , اٺ گاڏو کپائي علاج ڪرايم پر اڃان تائين طبيعت ۾ سڌارو ناھي آيو, ھن چيو ته گذريل ٽن مھينن کان معصوم ٻچا لنگھڻ ڪاٽي رھيا آھن , ھن وقت تائين ڪنھن سار سنڀال ناھي لڌي, آخر ۾ ھن سرندي وارن ۽ تڪ جي چونڊيل نمائيندن کي اپيل ڪندي چيو ته علاج لاء سندس مالي سائيتا ڪري معصوم ٻارڙن کي فاقه ڪشي کان بچايو وڃي , ,

الفئة

عرض المزيد

تعليقات - 0